تلوار جو نشان ۽ پيپلز پارٽي جو نالو ڏنو وڃي. اليڪشن ڪميشن غنويٰ ڀٽو جي درخواست تي پيپلز پارٽي ۽ پيپلز پارٽي پارليامينٽريز کان جواب طلب ڪري ورتو آهي.
اليڪشن ڪميشن ۾ تلوار جي چونڊ نشان ۽ پيپلز پارٽي جي نالي لاءِ غنويٰ ڀٽو جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي گذري. غنويٰ ڀٽو جي وڪيل پنهنجي موقف ۾ چيو ته اصل پيپلز پارٽي اسان جي آهي ٻئي ڪنهن کي اهو نالو استعمال ڪرڻ نه ڏينداسين.
اليڪشن ڪميشن تلوار جو نشان غير رجسٽرڊ پارٽي کي ڏئي ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن چيو ته رڪارڊ جو جائزو وٺي ايندڙ ٻڌڻي تي ميرٽ تي ڪيس ٻڌنداسين. اليڪشن ڪميشن وڌيڪ ٻڌڻي 16 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.