سنڌ

November 3, 2021 12:28 pm

تعليم کاتي عمرڪوٽ ۾ 2009ع دوران جي ايس ٽي ۽ پي ايس ٽي جَي هڪ هزار 94 خالي پوسٽن لاءِ ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن جي درخواستن تي فيصلو محفوظ

سنڌ هاءِ ڪورٽ، حيدرآباد بئنچ تعليم کاتي عمرڪوٽ ۾ 2009ع دوران جي ايس ٽي ۽ پي ايس ٽي جَي هڪ هزار 94 خالي پوسٽن لاءِ ٽيسٽ ڏيندڙ اميدوارن جي درخواستن تي فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو.

سنڌ ھاءِ ڪورٽ حيدرآباد بئنچ ۾ جسٽس اقبال ڪلھوڙو ۽ جسٽس عدنان ڪريم تي ٻڌل ڊويزن بينچ ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران سيڪريٽري تعليم اڪبر لغاري پيش ٿي جواب داخل ڪرايو.

467 اميدوارن پاران وڪيل معرفت داخل ڪرايل درخواست ۾ ڄاڻايو ويو ته 2009ع دوران تعليم کاتي عمرڪوٽ ۾ جي ايس ٽي ۽ پي ايس ٽي جَي هڪ هزار 94 پوسٽن لاءِ اشتھار آيو، پر نوڪريون رڳو 275 من پسند ماڻهن کي ڏنيون ويون.

605 اميدوارن کي ويٽنگ تي رکيو ويو  آهي، 2009ع دوران انٽر جي بنياد تي ٽيسٽون ڏنيون، هاڻي نئين پاليسي ۾ گريجوئيشن لاءِ درخواستون گهريون پيون وڃن.

عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪري ڇڏيو..

وڌيڪ پڙهو: