ملڪ ۾ 16 سيپٽمبر کان 50 سيڪڙو حاضري سان تعليمي ادارا کولڻ کانپوءِ وفاقي حڪومت ان سلسلي ۾ هڪ ٻيو قدم کڻي ورتو.
نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينيٽر (اين سي او سي) جو ڪورونا صورتحال تي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ مختلف معاملن، خاص طور تعليمي ادارن جي حوالي سان غور ويچار ڪيو ويو.
ان ڏس ۾ سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير اسد عمر ٻڌايو ته بيماري جي پکيڙ ۾ گهٽتائي ۽ اسڪول ويڪسينيشن پروگرام شروع ڪرڻ جي بنياد تي اڄ اين سي او سي جي اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سمورن تعليمي ادارن ۾ سومر 11 آڪٽوبر کان ڪلاسون معمول موجب شروع ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي.
گذريل مهيني وفاقي وزير شفقت محمود سڄي ملڪ ۾ 16 سيپٽمبر کان تعليمي ادارا کولڻ جو اعلان ڪيو.
اين سي او سي طرفان جاري پڌرائيءَ ۾ چيو ويو هو ته 16 سيپٽمبر کان سڄي ملڪ ۾ تعليمي ادارا کوليا ويندا پر رڳو 50 سيڪڙو شاگردن کي ڪلاسن ۾ گهرائڻ جي اجازت هوندي.
بيان ۾ چيو ويو هو ته ان دوران روز جي بنياد تي اين سي او سي ۾ بيماري جو جائزو ورتو ويندو ۽ ضرورت محسوس ٿيڻ تي بيماري تي ضابطي لاءِ اهم فيصلا ڪري سگهجن ٿا.
ان کان اڳ ملڪ ۾ ڪورونا جي چوٿين لهر دوران ڪيسن ۾ واڌ سبب تعليمي ادارا بند ڪيا ويا هئا.