ترڪيه ۽ شام ۾ آيل خوفناڪ زلزلي ڪيترن ئي شهرن کي ملبي جو ڍير بڻائي ڇڏيو، فوتين جو انگ ساڍا 11 هزار کان وڌي ويو، ترڪيه ۾ 8 هزار 574 ۽ شام ۾ فوتين جو انگ 2 هزار 662 ٿي ويو، ترڪي ۾ 32 هزار ۽ شام ۾ 8 هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي، ملبي هيٺان اڃا به ماڻهو دٻيل هئڻ جي خدشي سبب ڏينهن رات امدادي ڪارروايون جاري، ترڪ صحت واري وزير موجب زلزلي سبب 5 هزار 577 عمارتون تباهه ٿيون، ترڪي فٽبال ٽيم جو گول ڪيپر احمٽ ايوپ به حياتي وڃائي ويٺو.