ن ليگ اڳواڻ سعد رفيق چيو آهي ته سونامي ڪجهه وقت لاءِ ايندي آهي، هاڻ واپس وڃي رهي آهي،
تبديلي ۽ سونامي تباهي آندي ۽ هاڻ ان جي پڄاڻي جو وقت اچي ويو آهي.
لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ن ليگ اڳواڻ سعد رفيق چيو ته ڪينٽونمينٽ بورڊ ۽ ننڍين چونڊن ۾ پي ٽي آءِ کي مات ملي.
هن چيو ته نوازشريف ان وقت واپس ايندو، جڏهن ن ليگ درخواست ڪندي،نوازشريف کي واپس اچي ڪري ظالمن جي هٿ نه چڙهڻ گهرجي.
هڪ سوال تي سعد رفيق چيو ته جڏهن چونڊون ٿينديون ته ن ليگ جو نامزد وزيراعظم جو اميدوار به سامهون اچي ويندو.
سعد رفيق چيو ته پي ٽي آءِ جا اتحادي به ان تي الزام مڙهي رهيا آهن، ڪي پي ڪي ۾ ووٽ جي طاقت سان پي ٽي آءِ کي مات ملي،عوام آئين ۽ قانون کي ووٽ ڏنو..