پاڪستان

December 30, 2021 12:14 pm

تبديلي سرڪار جي 360 ارب رپين جي مِني بجيٽ تيار

پيٽرول، بجلي، گيس، دوائون، موبائيل فون، ٻارن جا ڊائپر، ميڪ اپ جو سامان، پرفيوم، مرغي جو گوشت ۽ ٻيون شيون مهانگيون ٿينديون،

وفاقي حڪومت آءِ ايم ايف جا شرط پورا ڪرڻ لاءِ 360 ارب رپين جي مِني بجيٽ وفاقي ڪابينا جي خاص اجلاس مان منظور ڪرائڻ بعد اڄ قومي اسيمبلي ۾ پيش ٿيندي.

وزير اعظم  مِني بجيٽ  جي منظوري لاءِ ڪابينا اجلاس اڄ ٻنپهرن جو گهرائي ورتو،

ذريعن مطابق 144 شيون جي ايس ٽي کان آجيون آهن، يا انهن تي پنج کان ٻارهن سيڪڙو ٽيڪس لاڳو آهي، انهن تي 17 سيڪڙو سيلز ٽڪس  لاڳو ڪيو ويندو.

ذريعن مطابق موبائل فون ڪالز تي ٽيڪس ريٽ 10 سيڪڙو کان وڌائي 15 سيڪڙو  ڪرڻ سان وڌيڪ ست ارب رپيا حاصل هوندا،

ٻارن جي کير جي تياري لاءِ استعمال ٿيندڙ خام مال  تي زيرو رٽنگ ٽيڪس واپس وٺي، ان 17 سيڪڙو سيلز ٽيڪس لاڳو ٿيندو،حڪومت کي نو ارب رپين جي آمدني ٿيندي.

ذريعن مطابق ڊيوٽي فري شاپس   جي شين تي  17 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ٿيندو،

850  سي سي ڪارن تي 17 سيڪڙو ٽيڪس  لاڳو ڪيو ويندو.

ذريعن مطابق  دوائن جي خام مال  تي به 17 سيڪڙو جي ايس ٽي  لڳايو ويندو، جنهن مان 45 ارب رپيا وصول ٿيندا،

بيڪرين، ريسٽورنٽس، فوڊ چينز ۽ دوڪانن تي 17 سيڪڙو  ٽيڪس لاڳو  ڪيو ويندو، جنهن مان پنج ارب رپين جي آمدني ٿيندي.

ذريعن ماني، نان، چپاتي، شيرمال  وارا تندور  ٽيڪس کان آجا هوندا، ميس ۾ تيار ڪيل کاڌي ۽ مٺايون  تيار ڪندڙ هوٽلز، ڪيٽررز، دوڪانن ريسٽورنٽس تي ساڍا ست سيڪڙو کان وڌائي 17 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ٿيندو.

زريعن مطابق  امپورٽ ڪيل ڀاڄين تي ست ارب رپين جا ٽيڪس لاڳو ٿيندا، چانور، ڪڻڪ ، اٽو ۽ ميدو ٽيڪس کان آجو هوندو،

ماچيس تي به 17 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ٿيندو، ڊيري پراڊڪٽس، ڪڪڙ جو گوشت ۽ ٻيون شيون جيڪي برانڊ نالي يا ٽريڊ مارڪ  تحت ريٽيل پيڪينگ ۾ ورڪرو ٿين ٿيون، انهن تي 17 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو ٿيندو.

ذريعن ٻڌايو ته پنير، ڏهي، مکڻ، ديسي گيهه ، کير  ۽ ڪريم  تي به ٽيڪس 10 سيڪڙو مان وڌائي 17 سيڪڙو ڪيو ويندو،ڊيري شين بابت مشينري تي ٽيڪس پنج مان وڌائي 17 سيڪڙو ڪيو ويندو،موبائل فونز  تي مقرر شرح جي مقابلي ۾ 17 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو رهندو.

ذريعن مطابق سون ۽ چاندي تي جي ايس ٽي هڪ سيڪڙي مان وڌائي 17 سيڪڙو ۽ جيولري آئٽمز تي 17 سيڪڙو ٽيڪس لاڳو رهندو،سولر، ونڊ ۽ آبپاسي اورزان تي به ٽيڪس لاڳو ٿيندو

وڌيڪ پڙهو: