پي ٽي آءِ جي 27 مارچ تي اسلام آباد ۾ جلسي جون تياريون جاري آهن،
حليم عادل شيخ جي اڳواڻي ۾ ڪراچي مان قافلا اسلام آباد لاءِ روانا ٿي ويا آهن،
حليم عادل شيخ چيو آهي ته بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿي چڪي آهي، اسان جشن ملهائڻ وڃي رهيا آهيون،
عمران خان رڳو الله جي سامهون جهڪندو آهي، اسان جي اتحادين پاران ڪنهن سان تصويرون ڪڍرائڻ يا مانيون کائڻ سان ڪو فرق نه ٿو پوي، اصل خبر ووٽ واري ڏينهن پوندي.
پي ٽي آءِ جي 27 مارچ تي اسلام آباد ۾ جلسي جون تياريون جاري آهن،
حليم عادل شيخ، خرم شير زمان ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪراچي مان قافلا اسلام آباد لاءِ روانا ٿي ويا آهنئ
اسلام آباد روانگي کان اڳ ميڊيا سان ڳالهائيندي حليم عادل شيخ چيو ته بي اعتمادي رٿ ناڪام ٿي چڪي آهي،
اسان جشن ملهائڻ وڃي رهيا آهيون، عمران خان رڳو الله جي سامهون جهڪندو آهي،
اسان جا اتحادي ڀلي ڪنهن سان به تصويرون ڪڍرائن يا مانيون کائن ڪو فرق نه ٿو پوي، اصل خبر ووٽ واري ڏينهن پوندي.