اهم خبرون

تازه خبرون

June 21, 2022 6:03 pm

بينظير ڀٽو جي فلسفي تي عمل ڪندي بک ۽ بيروزگار ي جو خاتمو ڪنداسين: بلاول ڀٽو زرداري

پ پ چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته بينظير ڀٽو  جي فلسفي تي عمل ڪندي بک ۽ بيروزگار ي جو خاتمو ڪنداسين.

محترمه بينظير ڀٽو شهيد جي 69 هين  سالگرهه جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ بلاول چيو ته پارليامينٽ ۽ جمهوريت کي مضبوط ڪري سماجي ۽ معاشي انصاف کي يقيني بڻائينداسين.

هن چيو ته محترمه بينظير ڀٽو هڪ سوچ ۽ رستي جو نالو آهي، اها سوچ ۽ رستو، جيڪو عوام کي محرومين کان ڇوٽڪارو ڏياري ۽ ايندڙ نسل کي ترقي يافتا معاشرو بنائڻ جي ضمانت ڏئي ٿي.

بلاول ڀٽو چيو ته  هي شهيد محترما جي ويزن جي ڪاميابي آهي ته ملڪ ۾ اڄ حيقيقي  جمهوري قوتون متحد آهن.

وڌيڪ پڙهو: