سنڌ

November 7, 2021 4:18 pm

بيت المال جي ڊي جي پاران سنڌ جي ساڍا 3 هزار ڪينسر جي مريضن جي مدد ڪرڻ کان انڪار

بيت المال جي ڊي جي پاران سنڌ جَي ساڍا 3 هزار ڪينسر جي مريضن جي مدد ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.

بيت المال پاران جناح اسپتال جي ڊائريڪٽر نالي لکيل خط ۾ ڪينسر جي مريضن  جا ڪاغذ تيار ڪرڻ  ۽ انهن جي سفارش ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.

ذريعن مطابق سنڌ جي ساڍا 3 هزار کان وڌيڪ ڪينسر جي مريضن جي زندگي داءَ تي لڳي وئي.

ذريعن مطابق گذريل هڪ مهيني کان سول اسپتال ڪراچي مان ڪينسر جي مريضن کي ٽيسينا ٽيبليٽ ملڻ به بند ٿي وئي.

ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ڪينسر جي مريضن جي پليٽيليٽس ۾ خطرناڪ حد تائين گهٽتائي ٿي وئي آهي ۽  مريض جسماني طور ڪمزور ٿي ويا..

 

وڌيڪ پڙهو: