رانديون

November 18, 2021 6:11 pm

بنگلاديش خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي لاءِ قومي ٽيم جو اعلان

بنگلاديش خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي لاءِ قومي ٽيم جو اعلان ڪيو ويو آهي.

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سوشل ميڊيا تي بنگلاديش خلاف پهرين ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ 12 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

بابر اعظم پهرين ٽي ٽوئنٽي لاءِ قومي ٽيم جي ڪپتاني ڪندو جڏهن ته شاداب خان قومي ٽيم جو نائب ڪپتان هوندو.

ٻين رانديگرن ۾ محمد رضوان، حيدر علي، فخر زمان، شعيب ملڪ، خوشدل شاهه، محمد نواز، حسن علي، محمد وسيم جونيئر، حارث رئوف ۽ شاهين شاهه آفريدي شامل آهن.

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ کيڏندڙ قومي ٽيم جي ٽن رانديگرن کي پهرين ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ شامل نه ڪيو ويو آهي، محمد حفيظ ٽورنامينٽ تان دستبردار ٿيڻ جو اعلان ڪيو هو، جڏهن ته پهرين ميچ ۾ محمد آصف ۽ عماد وسيم کي آرام ڏنو ويو آهي.

ياد رهي ته پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ 3 ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز 19 نومبر کان شروع ٿيندي، ٻنهي ٽيمن جي سمورن رانديگرن جا ڪورونا ٽيسٽ ناڪاري آيا آهن ۽ ٻنهي ٽيمن گذريل ڏينهن پريڪٽس ڪئي هئي.

وڌيڪ پڙهو: