پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) بنگلاديش خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ قومي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
20 رڪني اسڪواڊ جي قيادت بابر اعظم ڪندو ۽ محمد رضوان نائب ڪپتان هوندو.
قومي ٽيسٽ اسڪواڊ ۾ امام الحق، بلال آصف ۽ ڪامران غلام جي واپسي ٿي وئي آهي، جڏهن ته عمران بٽ، شاهنواز دستي، حارث رئوف ۽ ياسر شاهه اسڪواڊ ۾ شامل نه آهن.
عبدالله شفيق، عابد علي، اظهر علي، فهيم اشرف، فواد عالم، حسن علي، محمد عباس ۽ محمد نواز به اسڪواڊ جو حصو آهن.
ان کانسواءِ اسڪواڊ ۾ نسيم شاهه، نعمان علي، ساجد خان، سرفراز احمد، سعود شڪيل، شاهين شاهه آفريدي ۽ زاهد محمود شامل آهن.
ياد رهي ته قومي ٽيم بنگلاديش ۾ 2 ٽيسٽ ميچن جي سيريز کيڏندي، پهرين ميچ 26 نومبر کان 30 نومبر ۽ ٻي ميچ 4 ڊسمبر کان 8 ڊسمبر تائين کيڏي ويندي.