بين الاقوامي

تازه خبرون

October 18, 2021 6:55 pm

بل گيٽس جي ڌيءَ جينيفر مصري نوجوان سان شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وئي

ائيڪرو سافٽ جي باني ۽ دنيا جي امير ترين ماڻهن مان هڪ بل گيٽس جي وڏي ڌيءَ جينيفر مصري مسلمان نوجوان نائل نصر سان شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي وئي آهي.

رپورٽ موجب بل گيٽس مصري نوجوان سان جنوري 2020 ۾ مڱڻي ڪئي هئي. عالمي ميڊيا موجب شادي جون ٻه تقريبون رکيون ويون هيون جن مان هڪ مسلمانن جي تقريب هئي. 16 اڪٽوبر تي ٿيندڙ تقريب بل گيٽس جي ڌيءَ جي 124 ايڪٽر جي ويسٽ چيسٽر هارس فارم ۾ منعقد ٿي جتي سوين مهمانن شرڪت ڪئي.

ڀرپاسي جا روڊ به بند ڪيا ويا هئا. جڏهن ته ان شادي تي 20 لک ڊالرز جو خرچ ٿيو. مائيڪرو سافٽ جي شريڪ باني اسٽينفورڊ يونيورسٽي مان گريجوئيشن کان پوءِ 2018 ۾ 15.82 ملين ڊالر جي ملڪيت پنهنجي ڌيءَ جي نالي خريد ڪئي هئي.

ياد رهي ته ڪجهه مهينا اڳ ئي 27 سالن کان پوءِ بل گيٽس پنهنجي گهر واري ميلنڊا کان ڌار ٿي ويو هو ان جا 3 ٻار آهن ۽ ٻئي ملي بل اينڊ ميلنڊا گيٽس فائونڊيشن هلائي رهيا هئا.

وڌيڪ پڙهو: