پاڪستان

تازه خبرون

October 7, 2021 2:02 pm

بلوچستان ۾ 5 ڏهائي 9 جي شدت سان آيل زلزلي تباهي مچائي ڇڏي

بلوچستان ۾ 5 ڏهائي 9 جي شدت سان آيل زلزلي تباهي مچائي ڇڏي، 20 کان وڌيڪ ماڻهو حياتيون وڃائي ويٺا،جڏهن ته  300 کان وڌيڪ شهري زخمي ٿيا آهن، پاڪ فوج ۽ اين ڊي ايم اي پاران امدادي ڪارروائيون شروع  ڪيون ويون آهن.

گذريل رات 3 وڳي ماڻهو گهرن ۾ ستل هئا ته اوچتو زلزلو آيو، جنهن ۾ ڪيتريون ئي قيمتي جانيون ضايع ٿي ويون،جڏهن ته ڪيترائي گهر پڻ ڊگهي پٽ پئجي ويا آهن.

آيل زلزلي جو مرڪز هرنائي هو، ڪوئيٽا، سبي، چمن، قلعه عبدالله، زوب، لورالائي، پشين ۽ مسلم باغ ۾ به زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.

اختيارين مطابق هرنائي ۾ هر طرف تباهي جا منظر نظر آيا، عمارتون ملبي جو ڍير بڻجي ويون، ڪيترين ئي سرڪاري عمارتن کي به نقصان پهتو.

متاثر علائقن ۾ پاڪ فوج ۽ اين ڊي ايم اي جون امدادي ڪارروايون  پڻ جاري  آهن، جڏهن ته زخمين کي ڪوئيٽا جي اسپتالن ۾ منتقل ڪيو پيو وڃي،گادي واري شهر جي سمورين اسپتالن ۾ هنگامي حالتن جو اعلان ڪيو ويو آهي.

اطلاعن مطابق ڪيترائي ماڻهو ملبي هيٺان دٻيل  آهن، پهاڙي ڇپون ڪرڻ سبب ڪيترن ئي شهرن جو پاڻ ۾ رابطو به ڪٽجي ويو،  هرنائي ۾ آفٽر شاڪس بعد اڄ تعليمي ادارا بند ڪيا ويا آهن.

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري بلوچستان ۾ آيل زلزلي دوران جاني نقصان تي افسوس جو اظهارڪندي  چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومت امدادي سرگرمين لاءِ  ٺوس قدم کڻن، حڪومت زلزلي ۾ فوتين جي وارثن کي معاضو ادا ڪري ۽ زخمين جي بهترين علاج کي يقيني  بڻائي،پيپلز پارٽي بلوچستان جي قيادت  زلزلي متاثرن جي مدد ڪري.

سيڪيورٽي فورسز جا جوان بلوچستان جي زلزلي متاثر علائقي هرنائي پهچي ويا،جوانن متاثر علائقي ۾ امدادي ڪم شروع ڪري ڇڏيا.

آءِ ايس پي آر مطابق متاثر آبادي ۾ خوراڪ ۽ امدادي سامان ورهايو پيو وڃي،آرمي ڊاڪٽر، طبي عملي متاثرن کي طبي سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن.

آءِ ايس پي آر مطابق شديد زخمي آرمي هيليڪاپٽرز ذريعي ڪوئيٽا منتقل ڪيا پيا وڃن .

وڌيڪ پڙهو: