پاڪستان

October 25, 2021 11:25 am

بلوچستان جي وڏي وزير لاءِ مير عبدالقدوس بزنجو جي نالي تي اتفاق

بلوچستان عوامي پارٽي نئين وڏي وزير لاءِ مير عبدالقدوس بزنجو جي نالي تي اتفاق ڪري ورتو،

ڄام ڪمال جي مستعفي ٿيڻ بعد گذريل رات دير سان مير عبدالقدوس بزنجو جي رهائشگاهه تي بلوچستان عوامي پارٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ نئين وڏي وزير لاءِ مير عبدالقدوس بزنجو  ۽ نئين اسپيڪر لاءِ مير جان محمد جمالي جي نالن تي اتفاق ڪيو ويو.

عبدالقدوس بزنجو اڄ ڪنهن به وقت بلوچستان اسيمبليءَ جي اسپيڪر جي منصب تان استعيفيٰ جو اعلان ڪندو، جنهن بعد مير جان محمد جمالي کي اسپيڪر بڻايو ويندو.

ايندڙ حڪومت ۾ بلوچستان عوامي پارٽي جَي اسيمبلي ميمبرز کي اهم وزارتون ڏنيون ويون، جيڪي اڳوڻي وڏي وزير ڄام ڪمال جي حڪومت خلاف بي اعتمادي تحريڪ جو حصو رهيا آهن.

بلوچستان اسيمبلي ۾ گڏيل اپوزيشن جون پارٽيون جمعيت علماءِ اسلام (ف) بي اين پي (مينگل) ۽ پشتونخوا ملي عوامي پارٽي نئين حڪومت جو حصو نه بڻجنديون، اهي ٻيهر اپوزيشن بئنچز تي ويهنديون.

بي اي پي ترجمان موجب بلوچستان جو وڏو وزير اهڙو آڻينداسين، جيڪو عوامي هوندو،..

وڌيڪ پڙهو: