بلوچستان جي علائقي خاران ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 11 ڄڻا زخمي ٿي پيا جن کي خاران اسپتال منتقل ڪيو ويو. بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو ڌماڪي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.
سيڪيورٽي اختيارين موجب ڌماڪي ۾ 4 کان 5 ڪلو گرام ڌماڪيدار مواد استعمال ڪيو ويو جيڪو موٽرسائيڪل ۾ لڳل هو. بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو جي خاران ڌماڪي جي مذمت ڪندي واقعي جي جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. وڏي وزير ڌماڪي ۾ بي گناهه ماڻهن جي زخمي ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪ دشمن صوبي جو امن خراب ڪرڻ چاهين ٿا. اهڙي قسم جي بزدلاڻي ڪاررواين سان اسان جا حوصلا ختم نٿا ٿي سگهن.
وڏي وزير طرفان ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙن کي بهترين علاج جون سهولتون ڏيڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.