پاڪستان

December 22, 2021 12:22 pm

بلوچستان جي علائقن قلات ۽ ڪيچ ۾ ڪرونا جي نئين قسم اومي ڪرون جا 30 شڪي نوان ڪيسز سامهون

بلوچستان جي علائقن قلات ۽ ڪيچ ۾ ڪرونا جي نئين قسم اومي ڪرون جا 30 شڪي نوان ڪيسز سامهون اچڻ کانپوءِ  15 ڏينهن لاءِ لاڪ ڊائون لاڳو ڪيو ويو.

ڪوويڊ سيل جي انچارج ڊاڪٽر نقيب الله نيازي  مطابق شڪي متاثر مريضن جا نمونا  نيشنل انسٽي ٽيوٽ  آف هارٽ  ڊيزيز اسلام آباد موڪليا پيا وڃن.

ڊاڪٽر نقيب مطابق قلات ۾  ٻن ڏينهن  اندر  اومي ڪرون جا شڪي مريض سامهون آيا آهن.

هن چيو ته صوبائي حڪومت شڪي مريضن کي قرنطينيا  ڪرڻ لاءِ خط لکي ڇڏيو آهي.

بلوچستان جي وڏي وزير  قدوس بزنجو  پاران اومي ڪرون جا نوان ڪيسز سامهون اچڻ تي ڳڻتي ظاهر ڪندي  متاثر شهرين کي ترت قرنطينيا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي..

ٻئي طرف ملڪ ۾ ڪرونا وائرس وگهي وڌيڪ 10 مريض فوت ٿي ويا، انگ وڌي 28 هزار 8 سئو 92 ٿي ويو.

اين سي او سي مطابق ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران 46 هزار 9 سئو 91 ٿي ويون، 3 سئو 10 ڪيس به رپورٽ ٿيا آهن.

رپورٽس مطابق متاثرن جو تعداد 12لک 92 هزار 47  ٿي ويو،مثبت ڪيسن جي شرح ٻُڙي ڏهائي ڇهه پنج سيڪڙو رهيو..

وڌيڪ پڙهو: