وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته اپوزيشن جا 15 ماڻهو اندروني طور تي عمران خان سان گڏ آهن، مون چيو هو ته فنانس بل سينيٽ مان منظور ٿي ويندو.
راولپنڊي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته بلاول ڀٽو ۽ ٻيون پارٽيون ڀلي اسلام آباد اچن، فرق نٿو پوي ۽ نه ئي اسلام آباد جي موسم تبديل ٿيندي.
وفاقي گهرو وزير، صدارتي نظام ۽ ايمرجنسي وارين خبرن کان اڻڄاڻائي ظاهر ڪندي چيو ته وفاقي ڪابينا ۾ اهڙي قسم جي ڪابه ڳالهه ٻولهه ناهي ٿي.
شيخ رشيد چيو ته ڀارت ۾ مسلمان بيوس آهن، جيڪي آسمان ۽ پاڪستان طرف ڏسي رهيا آهن..