سنڌ

October 24, 2021 12:24 pm

بلاول ڀٽو زرداري مخدوم فخر الزمان جي شادي تقريب ۾ شرڪت ڪندو

پاڪستان پيپلزپارٽي جو چيئرمين ڪجهه دير ۾ هالا پهچندو ، بلاول ڀٽو زرداري مخدوم فخر الزمان جي شادي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. سڪيورٽي جا انتظا سخت.

بلاول ڀٽو زرداري هالا ۾ مخدوم رفيق الزمان جي پٽ ضلعي ڪائونسل مٽياري جي اڳوڻي چيئرمين مخدوم فخر الزمان جي شادي تقريب ۾ شرڪت ڪندو.

بلاول ڀٽو زرداري سان گڏ وڏو وزير مراد علي شاهه به هالا پهچندو، مخدوم فخرالزمان جي شادي تقريب ۾ پ پ جا وزير، ايم اين ايز، ايم پي ايز ۽ پارٽي اڳواڻ پڻ شرڪت ڪندا.

بلاول ڀٽو زرداري جي سيڪيورٽي ٽيم اڳواٽ ئي هالا پهتل آهي، جنهن ايس ايس پي مٽياري محمد ڪليم ۽ ڊپٽي ڪمشنر مٽياري سيد مرتضىٰ علي شاھ سان گڏجي سڪيورٽي انتظامن جو جائزو ورتو.

وڌيڪ پڙهو: