سنڌ

October 25, 2021 5:03 pm

بلاول ڀٽو اوڻٽيهه آڪٽوبر کان سموري ملڪ ۾ مهانگائي خلاف احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو

پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري 29 آڪٽوبر تي سموري ملڪ جي ضلعن ۾ مقامي پريس ڪلبن جي سامهون مهانگائي خلاف احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

لاڙڪاڻي ۾ پارٽي عهديدارن ۽ ڪارڪنن جي اجلاس جي صدارت ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان جنهن معاملي ۾ هٿ وجهندو آهي اتي تبديلي نه پر تباهي ايندي آهي. آئين عوام کي جيڪي آزاديون ڏنيون آهن عمران خان اهي ڦري ورتيون آهن.

ووٽ جي تحفظ کان وٺي ڳالهائڻ جي آزادي ۽ ميڊيا جي آزادي کي عمران خان ڦرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته مهانگائي سبب پاڪستان جي عوام هڪ سخت دور مان گذري رهي آهي.

اسان اقتدار جي لاءِ سياست ناهيون ڪندا. عوامي مسئلن جو حل اسان جي سياسي جو محور آهي. پاڪستان پيپلز پارٽي آءِ ايم ايف بجيٽ جي خلاف پهرين ڏينهن کان احتجاج ڪيو. پاڪستان پيپلز پارٽي 29 آڪٽوبر جمعي جي ڏينهن ملڪ جي سمورن ضلعن ۾ مقامي پريس ڪلب جي سامهون مهانگائي خلاف احتجاج ڪندي.

وڌيڪ پڙهو: