وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته سوشل ميڊيا تي سنڌ جي مختلف علائقن مان واقعا سامهون اچن پيا،
لڳي ٿو سنڌ ۾ قانون جي اهميت ئي نه رهي آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته صحافي عزيز ميمڻ جو قتل، طاقتور ماڻهن جي شڪار جي ويڊيو، هاڻ لاچار عورت قتل ٿي وئي.
فواد چوڌري چيو ته بلاول صاحب! سنڌ ۾ اهو ڇا ٿي رهيو آهي؟ ،توهان جا ويجها ماڻهو واقعن ۾ ملوث آهن، انسانيت کي ائين نه لتاڙيو.
واضح رهي ته قمبر ۾ عورت جي قتل ۽ ناظم جوکئي جي قتل کانپوءِ تاءَ واري ڪيفيت ڇانيل آهي.
ناظم جوکئي عرب تلور جي شڪارين جي ويڊيو ٺاهڻ تي بااثر ماڻهن کيس گهرائي قتل ڪري ڇڏيو..