پاڪستان

تازه خبرون

November 11, 2021 3:29 pm

برطرف ٿيل 16 هزار ملازمن کي بحال ڪرڻ لاءِ فوري طور اسٽي ڏيڻ واري حڪومتي استدعا رد

سـُپريم ڪورٽ، برطرف ٿيل 16 هزار ملازمن کي بحال ڪرڻ لاءِ فوري طور اسٽي ڏيڻ واري حڪومتي استدعا رد ڪري ڇڏي، عدالت ملازمن جي برطرفي خلاف حڪومت جي درخواست ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتي.

جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ بينچ حڪم ڏنو ته جيستائين هن درخواست تي تفصيلي فيصلو نٿو اچي، برطرف ملازمن کي سرڪاري گهرن مان بيدخل نه ڪيو وڃي.

اٽارني جنرل عدالت کي آگاهي ڏني ته برطرف ٿيل ملازمن جي جاءِ تي نيون ڀرتيون نه ٿينديون، هي 16 هزار ماڻهن نه پر 16 هزار  خاندانن جو مسئلو آهي،

ملازمن جي برطرفي وارو فيصلو معطل ڪيو وڃي.

جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏنا ته فوري طور ملازمن کي بحال ڪرڻ جو فيصلو نٿا ڏئي سگهون.

سپريم ڪورٽ 16 هزارن کان وڌيڪ ملازمن  کي برطرف ڪرڻ واري نظرثاني درخواست جي ٻڌڻي ڪندي عدالت ڄاڻايو آهي ته برطرفي وقت اٽارني جنرل کي معاونت لاءِ نوٽيس جاري نه ڪيو ويو، نوڪري جي ٽي او آرز کي به سامهون نه رکيو ويو.

عدالت مطابق سينارٽي جو محدود معاملو هو، پر ايڪٽ 2010 تحت فائدو حاصل ڪندڙ 16 هزارن کان وڌيڪ  ملازم متاثر ٿيا.

سپريم ڪورٽ جي بينچ ٻڌڻي ڪندي ڄاڻايو ته 16 هزار ملازمن کي نوٽيس ڏيڻ کانسواءِ نوڪرين مان ڪڍيو ويو،عدالت ملازمن جو موقف ٻڌو، نه ئي ٻڌڻي جو موقعو ڏنو.

عدالت درخواستگذارن کي لکت ۾ گذارشون جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي 29 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي..

وڌيڪ پڙهو: