سنڌ

October 21, 2021 7:20 pm

بدين: لاڙ جي لعل سيد سمن سرڪار جو نوي هون عرس شروع

بدين: لاڙ جي لعل سيد سمن سرڪار جي 90 هون عرس مبارڪ پنگريو ڀرسان درگاهه سمن سرڪار تي شروع ٿي ويو، جنهن جو افتتاح جو پارلياماني سيڪريٽري مذهبي معاملا هير سوھو، وڏي وزير جي صلاحڪار تنزيلا قمبراڻي ۽ چيف ايڊمنسٽريٽر سنڌ زاهد حسين شر درگاهه تي چادر چاڙهي عرس جي تقريبن افتتاح ڪيو، جنهن بعد ميلي ۽ عرس جون باقاعده تقريبون شروع ٿي ويو آهن، جيڪي ٽن ڏينهن تائين جاري رهنديون.

ان موقعي تي هير سوھو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته درگاهون امن جا آستانا آهن، جتان روحاني فيض حاصل ڪري سگهجي ٿو، هن وڌيڪ چيو ته درگاهه سمن سرڪار تي چار ڪروڙ جو ترقياتي ڪم هلي رهيو آهي، جيڪو جلد مڪمل ٿي ويندو. درگاهه تي ايندڙ پانڌيئڙن کي سڀ سهولتون فراهم ڪنداسين.

وڌيڪ پڙهو: