سنڌ

October 7, 2021 2:25 pm

بخشاپور ۽ ڀرپاسي ۾ بدامي وڌڻ سبب رهواسي ڳڻتي ۾ وٺجي ويا آهن

بخشاپور ۽ ڀرپاسي ۾ بدامي وڌڻ سبب رهواسي ڳڻتي ۾ وٺجي ويا آهن پر پوليس اگهور ننڊ ستل آهي، رات دير سان اڻڄاتل چور صحافي جي گهر مان ڀلوڙ مينهن چوري ڪري ويا آهن.

ڳوٺ محمد رمضان ڀٽو ۾ اڻڄاتل چور صحافي عبدالله ڀٽو جي گهر گهڙي مينهن چوري ڪري فرار ٿي ويا.

رهواسين جو چوڻ آهي ته پوليس جي نااهلي سبب ڏينهن ڏٺي جو چوريون، ڦرون ۽ ڌارا روز جو معمول بڻيل آهن.

هنن مطالبو ڪندي چيو ته فوري طور تي بدامني تي ٻنجو ڏئي چوري ٿيل مينهن واپس ڪرائي جوابدارن کي گرفتار ڪيو وڃي.

وڌيڪ پڙهو: