بخشاپور ڀرسان کٽ جي هيٺيان رکيل دستي بم ڦاٽي پيو، ڌماڪي ۾ 6 مهينا اڳ پسند جو پرڻو ڪندڙ ناري مارجي وئي، سندس نوجوان مڙس زخمي ٿي پيو.
ڳوٺ ٻڍو ڀنگوار ۾ گهر اندر ٿيل ڌماڪي ۾ زبيده بروهي مارجي وئي ۽ نوجوان زاهد ڀنگوار زخمي ٿي پيو
اطلاع بعد پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش ۽ زخمي کي رحيم يار خان اسپتال منتقل ڪيو.
زخمي نوجوان جي ڀاءُ طاهر ڀنگوار الزام هنيو آهي ته سندس ڀاڄائي جو نوابشاهه واسي پيءُ علي حسن بروهي پسند پرڻي تان ڪاوڙيل هو.
هن وڌيڪ چيو ته کٽ جي هيٺيان دستي بم رکي ويو هو، جيڪو ڌماڪي سان ڦاٽي پيو.