پاڪستان جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڌيءَ ۽ پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ڀيڻ بختاور ڀٽو پنهنجي پٽ جي تصوير سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري ڇڏي آهي.
بختاور ڀٽو زرداري انسٽاگرام تي پٽ مير حاڪم محمود چوڌري جي تصوير شيئر ڪئي آهي جنهن تي وڏي انگ ۾ صارفين نئين ڄاول ٻار لاءِ دعائون ڪري رهيا آهن.
بختاور پنهنجي پوسٽ ۾ ٻڌايو ته هي تصوير ان وقت جي آهي جڏهن حاڪم هڪ هفتي جو هو. واضح رهي ته بختاور ڀٽو زرداري ۽ ان جي مڙس محمود چوڌري جي گهر پٽ 10 تاريخ تي ڄائو هو جنهن کان پوءِ هن ٻڌايو هو ته پٽ جو نالو مرحوم مامي جي نسبت مير جڏهن ته ڏاڏي جي نسبت حاڪم رکيو آهي.