نيپرا ماهوار فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ بجلي 2 رپيا 51 پئسا في يونٽ مهانگي ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
نيپرا جي چيئرمين جي سربراهيءَ ۾ سيپٽمبر جي لاءِ بجلي جي اگهه ۾ واڌ بابت سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي.
نيپرا مختصر فيصلي ۾ ڄاڻايو ته بجلي جي اگهه ۾ واڌ جو اثر لائيف لائين ۽ ڪي اليڪٽرڪ صارفين تي نه پوندو.
نيپرا مطابق صارفين کي ايندڙ مهيني جي بلن ۾ ادائيگي ڪرڻي پوندي،اٿارٽي ڊيٽا جي جاچ پرتال کانپوءِ پنهنجو فيصلو بعد ۾ جاري ڪندي.
نيپرا عملدارن ٻڌايو ته ميرٽ آرڊر جي ڀڃڪڙي سبب 2 ارب 7 ڪروڙ رپين جو اضافي بار پيو،ڊيٽا جي جاچ پڙتال مطابق واڌ 2 رپيا 51 پئسا ٿئي ٿي.
نيپرا جو چوڻ آهي ته سي پي پي اَي 2 رپين 65 پئسا في يونٽ اضافي جي درخواست ڪئي هئي.
آگسٽ ۾ هڪ رپيو 95 پئسا في يونٽ ايف سي اي جي مد ۾ چارج ڪيو هو، آگسٽ جي ڀيٽ ۾ ايف سي اي جي مد ۾ 56 پئسا وڌيڪ چارج ڪري سگهجن ٿا..