پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ هڪ دفعو بيهر معياري فريم ورڪ تي اختلاف ۽ معيشت جي مستقبل جي روڊ ميپ تي غير يقيني صورتحال سبب مقرر وقت تي اسٽاف سطح تي معاهدي تائين پهچڻ ۾ ناڪام رهيا آهن.
هڪ ارب ڊالر قرض جي ايندڙ قسط جاري ڪرڻ ۽ بهتر معاشي صورتحال جو سرٽيفڪيٽ حاصل ڪرڻ جي لاءِ 4 کان 15 آڪٽوبر تائين ڳالهين جو نئون دور بنا ڪنهن نتيجي رهيو.
پاڪستان طرفان بجلي ۽ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اضافي جي اڳواٽ شرط قبول ڪرڻ جي باوجود ڳالهيون ناڪام ٿيون. پر ڌرين وچ ۾ ڳالهيون جاري رکڻ جو ارادو ظاهر ڪيو ويو آهي.
ڳالهين جي هاڪاري خاتمي جي ڪوششن ۾ ناڻي واري وزير شوڪت ترين آءِ ايم ايف جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر ۽ آمريڪي نائب پرڏيهي وزير سان ڌار ڌار ملاقات ڪئي پر ائين لڳي ٿو ته هي ٻئي ملاقاتون به ڪوبه لاڀ نه ڏئي سگهيون.