مهانگائي جي ماريل بجلي جي صارفين لاءِ خراب خبر ، تبديلي سرڪار بجلي جي قيمت ۾ 2 رپيا 65 پئسا في يونٽ اضافي جون تياريون ڪري ورتيون.
سينٽرل پاور پرچيزنگ ايجنسي سيپٽمبر جي فيول ايڊجسٽمنٽ جي مد ۾ بجلي مهانگي ڪرڻ لاءِ درخواست داخل ڪري ورتي.
بجلي اگهه بابت نيشنل اليڪٽرڪ پاور ريگيوليٽري اٿارٽي 27 آڪٽوبر تي ٻڌڻي بعد فيصلو ڪندي.
درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سيپٽمبر ۾ پاڻي مان 36 ڏهائي ٻه سيڪڙو ۽ ڪوئلي مان 17 ڏهائي ٻڙي پنج سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي.
رپورٽ مطابق مهانگي فرنس آئل مان پيدا ٿيندڙ بجلي جي لاڳت 19 رپيا 23 پئسا في يونٽ رهي، مقامي گيس مان 8 ڏهائي نو سيڪڙو، جڏهن ته امپورٽ ڪيل ايل اين جي مان 18 ڏهائي نو سيڪڙو بجلي پيدا ڪئي وئي..