ن ليگ جي صدر شهباز شريف، بجلي جي قيمت ۾ 2 رپيا 52 پئسا في يونٽ واڌ کي ظالم حڪومت جو هڪ ٻيو ظالماڻو قدم قرار ڏئي ڇڏيو.
جاري ڪيل بيان ۾ شهباز شريف چيو ته ڪوڙي حڪومت جو ريليف جو واعدو ڪوڙ هو، بجلي جي قيمتن ۾ وڌيڪ اضافو ان جو ثبوت آهي.
هن چيو ته حڪومت قوم سان ڪوڙ ڳالهايو هو ته ٽيڪس فري بجيٽ ڏني آهي، هي آهي حڪومت جي حقيقت.
مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته هي حڪومت هوندي ته معيشت هلندي، نه عوام جي جان بچندي.
هن چيو ته صنعتن کي گيس تي سبسڊي جو خاتمو نئين معاشي بحران جي شروعات آهي.
شهبازشريف چيو ته صنعت نه هلندي ته روزگار ڪٿان ملندو؟،گيس تي سبسڊي ختم ڪرڻ سان بجلي وڌيڪ مهانگي، صنعتن جو ڦيٿو وڌيڪ سست ٿي ويندو، هي نظام هلي نٿو سگهي..