پاڪستان

تازه خبرون

November 6, 2021 4:38 pm

بجلي جي قيمتن ۾ واڌ خلاف(ن) ليگ پنجاب اسيمبلي ۾ قرارداد جمع ڪرائي ڇڏي

(ن) ليگ طرفان بجلي جي قيمتن ۾ واڌ جي خلاف پنجاب اسيمبلي ۾ قرارداد جمع ڪرائي وئي آهي جنهن ۾ بجلي جي قيمتن ۾ واڌ فوري طور تي واپس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي.

مسلم ليگ(ن) جي ميمبر سعديه تيمور طرفان قراداد جمع ڪرائي وئي. قرارداد جي متن ۾ چيو ويو آهي ته هي ايوان بجلي جي قيمت ۾ 1 روپيه 38 پئسا اضافي جي مذمت ڪري ٿو. بجلي، پيٽرول جي قيمتن ۾ لاڳيتو واڌ سان ملڪ جي انڊسٽري تباهي جي ڪناري تي پهچي چڪي آهي.

بجلي جي قيمت ۾ اضافي جو اثر سڌو سنئون عام واهپي وارين شين تي پوندو آهي. قرارداد ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته حڪومت آءِ ايم ايف کي خوش ڪرڻ جي لاءِ غريب جي چيلهه ڀڃي رهي آهي.
مهانگائي سبب عام ماڻهو جو چلهو اڳ ئي ٿڌو پيل آهي مطالبو ڪيو وڃي ٿو ته بجلي جي قيمت ۾ واڌ کي فوري طور تي واپس ورتو وڃي.

وڌيڪ پڙهو: