رانديون

January 12, 2022 12:17 pm

اڳوڻي ڪرڪيٽر دانش ڪنيريا جي درخواست رد

سنڌ هاءِ ڪورٽ اڳوڻي ڪرڪيٽر دانش ڪنيريا جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي، دانشن ڪنيريا ڊومسٽڪ ڪرڪيٽ ۽ ليگز کيڏڻ جي اجازت نه ملڻ خلاف درخواست داخل ڪئي هئي.

چيف جسٽس سنڏ هاءِ ڪورٽ احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ فيصلو ٻڌايو.

ٻڌڻي دوران پي سي بي جي وڪيل جواب ڏنو ته دانش ڪنيريا تي انگلش ڪائونٽي ڪلب پاپندي مڙهي،جيڪا سڄي عمر ڪرڪيٽ کيڏڻ تي آهي.

وڪيل وڌيڪ چيو ته دانش ڪنيريا جي انگلينڊ جي ڪورٽ پڻ اپيل رد ڪئي هئي، سندس مٿان اسپاٽ فڪسنگ جو الزام آهي.

درخواست گذار جي وڪيل چيو ته دانش ڪنيريا اسپاٽ فڪسنگ نه ڪئي صرف ميٽنگ ڪرائي هئي.

هن وڌيڪ چيو ته سندس موڪل الزام قبول ڪري چڪو آهي.

هن چيو ته اسپاٽ فڪسنگ ڪندڙ کي ڪرڪيٽ کيڏڻ جي اجازت ملي چڪي آهي۽ دانش ڪنيريا کي ڊومسٽڪ ڪرڪيٽ ۾ ڪوچنگ جي اجازت ڏني وڃي،

جنهن تي عدالت اڳوڻي ڪرڪيٽر دانش ڪنيريا جي درخواست رد ڪري ڇڏي.

وڌيڪ پڙهو: