پاڪستان

تازه خبرون

November 16, 2021 3:04 pm

اڳوڻي چيف جسٽس بابت ثبوت ڏنا وڃن، عدالت ان خلاف ڪارروائي ڪندي : چيف جسٽس اطهر من الله

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، گلگت بلتستان جي اڳوڻي جج جي انڪشافن بابت پاڻمرادو نوٽيس ڪيس ۾ ڌرين کي توهين عدالت جا شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.

عدالت سمورن جوابدارن کي 26 نومبر تي ذاتي حيثيت ۾ طلب ڪري ورتو.

چيف جسٽس اطهر من الله رمارڪس ڏيندي چيو ته اڳوڻي چيف جسٽس بابت ثبوت ڏنا وڃن، عدالت ان خلاف ڪارروائي ڪندي.

چيف جسٽس ڄاڻايو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جنهن جج تي الزام مڙهيا ويا، اهو انهن ڏينهن ۾ بينچ ۾ شامل ئي نه هو.

عدالت جوابدارن سان مخاطب ٿيندي چيو ته توهان سموري هاءِ ڪورٽ تي الزام لڳايو، حلفيه بيان جي ٽائمنگ به انتهائي اهم آهي.

چيف جسٽس چيو ته  هن عدالت تان عوام جو اعتماد ختم ڪرڻ لاءِ سازشون شروع ٿيون آهن.

عدالت پاران طلب ڪرڻ باوجود جِي بِي جو اڳوڻو چيف جج راڻا ايم شميم پيش نه ٿيو، سندس پٽ پيش ٿي ٻڌايو ته والد جي طبيعت ٺيڪ ناهي.

راڻا شميم جي پٽ هڪ ويڊيو عدالتي ڪمري ۾ هلائڻ جي اجازت گهري،جيڪا عدالت کيس اجازت نه ڏني..

وڌيڪ پڙهو: