اطلاعات واري وفاقي وزير فواد چوڌري اڳوڻي چيف جسٽس گلگت بلتستان بابت خبر تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته هن ملڪ ۾ ڪهڙا ڪهڙا لطيفا نواز شريف کي مظلوم ثابت ڪرڻ لاءِ مهم هلائي رهيا آهن،
انصارعباسي جي حيرت ۾ وجهندڙ هڪ اسٽوري نظر آئي، جنهن ۾ گلگت جو جج چوي ٿو ته هو ثاقب نثار صاحب وٽ چانهه پيئڻ لاءِ ويٺو ته اڳوڻي چيف جسٽس، هاءِ ڪورٽ جي جج کي فون تي چيو ته نواز شريف کي اليڪشن کان پهريان ضمانت ناهي ڏيڻي،
پنهنجي بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته اندازو لڳايو ته اوهان ڪنهن جج وٽ چانهه پيئڻ وڃو ۽ اهو اتي اڳ ئي فون ملائي ويٺو آهي ۽ اوهان جي سامهون اهڙيون هدايتون جاري ڪري ته ڪنهن کي ضمانت ڏيڻي آهي، ڪنهن کي ناهي ڏيڻي، سازشي ٿيوري گهڙڻ بدران ٻڌايو ته نواز شريف جيڪي ايون فيلڊ اپارٽمينٽس مريم نواز کي ڏنا، انهن جا پئسا ڪٿان آيا؟..
فواد چوڌري چيو ته مريم نواز چيو هو ته منهنجي لنڊن ۾ ته ڇا پاڪستان ۾ به ڪا ملڪيت ناهي، هاڻي اربين رپين جي ملڪيت سامهون اچي چڪي اهي، ان جو جواب ڏيو..