پاڪستان

October 28, 2021 1:14 pm

اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري تي فرد جرم لاڳو  ٿي نه سگهيو

اسلام آباد جي احتساب عدالت 8 ارب رپين جي شڪي ٽرانزيڪشن جي نيب ريفرنس ۾ اسلام آباد هاءِ  ڪورٽ جي اسٽي آرڊر سبب  اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف زرداري تي فرد جرم لاڳو  ٿي نه سگهيو.

احتساب عدالت جي جج اصغر علي ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي.

آصف علي زرداري جو وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ ۽ نيب پراسيڪيوٽر وسيم جاويد عدالت ۾ پيش ٿيا.

ٻڌڻي دوران  اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو  لکت ۾ حڪم نامو احتساب عدالت جي جج کي پيش ڪيو ويو.

احتساب عدالت ٻڌڻي 18 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ  جي اسٽي آرڊر سبب آصف علي زرداري تي فرد جرم لاڳو نه ٿي سگهيو.

وڌيڪ پڙهو: