سنڌ

November 4, 2021 12:11 pm

اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ وفاقي وزير فواد چوڌري جي نااهلي لاءِ درخواستن جي ٻڌڻي ڪندي چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو ته

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ اڳوڻي صدر آصف زرداري ۽ وفاقي وزير فواد چوڌري جي نااهلي لاءِ درخواستن جي ٻڌڻي ڪندي چيف جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏيندي چيو ته عدالتن ۾ اچڻ بدران  سياسي ليڊرشپ جو سياسي ميدان ۾ مقابلو ڪيو وڃي.

ٻڌڻي دوران وفاقي وزير فواد چوڌري جي وڪيل درخواست جي پيروي نه ڪرڻ تي خارج ڪرڻ جي استدعا ڪري ڇڏي.

چيف جسٽس چيو ته عدالتن  کي  چونڊيل نمائندن جي اهڙن معاملن ۾ ٽنگ ڇو  اڙائڻ گهرجي؟.

چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته هي پارليامينٽ جو معاملو آهي،هتي پهريان ئي ڪيسن جو گهڻو بار آهي،ٻيا فورم به موجود آهن.

چيف جسٽس چيو ته پارليامينٽ پنهنجو احتساب پاڻ ڪري،عدالت انهن ڪيسز جي ميرٽس تي  نه ويندي.

چيف جسٽس اطهر من الله چيو ته پهريان درخواستون ٻڌڻ جوڳيون آهن يا نه، ان تي دليل ڏنا وڃن،عدالت هميشه لاءِ  انهن پٽيشنر جو فيصلو ڪرڻ گهري ٿي..

 

وڌيڪ پڙهو: