پاڪستان

November 3, 2021 3:30 pm

اڳوڻي صدر آصف زرداري جعلي اڪائونٽس ڪيسز جي وڌيڪ ريفرنسز ۾ بريت جي استدعا ڪري ڇڏي

اڳوڻي صدر آصف زرداري جعلي اڪائونٽس ڪيسز جي وڌيڪ ريفرنسز ۾ بريت جي استدعا ڪري ڇڏي.

آصف زرداري ٻئي نيب ترميمي آرڊيننس  جي بنياد تي بريت جي درخواست داخل ڪري ڇڏي.

آصف زرداري پارڪ لين، ميگا مني لانڊرنگ ريفرنس ۾ بري ڪرڻ جي استدعا ڪئي آهي.

اڳوڻي صدر  ٺٽو واٽر سپلاءِ ريفرنس مان به آجو ڪرڻ جي استدعا ڪري ڇڏي.

احتساب عدالت  آصف زرداري جي درخواست تي  نيب کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو.

ان موقعي تي نيب موقف اختيار ڪيو ته ٽئين نيب ترميمي آرڊيننس جو گزيٽ نوٽيفڪيشن نه مليو آهي.

جج رمارڪس ڏنا ته گزيٽ نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيڻ تي اسان جو ڪم متاثر ٿي رهيو آهي..

وڌيڪ پڙهو: