پاڪستان

November 25, 2021 3:04 pm

اڄ ڪرمنل به منظم آهن : شيخ رشيد احمد

وفاقي وزير شيخ رشيد چيو آهي ته پوليس آفيسرن کي ذميداريون نڀائڻ لاءِ بهترين تربيت ڏني وئي آهي،

پوليس امير طبقي جو چالان ڪندي آهي ته ان کي الجهايو ويندو آهي.

اسلام آباد ۾ پوليس جي تقريب کي خطاب ڪندي شيخ رشيد چيو ته  عوام کي پوليس کان وڌيڪ اميدون آهن .

هن چيو ته اڄ ڪرمنل به منظم آهن، هينئر تائين  پوليس جا 7 هزار  شهيد  ٿي چڪا آهن،اڄ جي دور ۾ پوليس جي ذميدارين ۾ اضافو ٿيو آهي.

هن چيو ته پوليس اهلڪار محنت ۽ بهادري سان پنهنجا فرض نڀائي رهيا آهن، بدقسمتي سان پوليس جي حوالي سان مثبت تاثر نه ڏنو ويندو آهي..

وڌيڪ پڙهو: