پاڪستان

December 6, 2021 1:04 pm

اڄ شام کان پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي سي اين جي اسٽيشنز کي گيس فراهمي بند ڪئي ويندي

سنڌ کانپوءِ پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ به سي اين جي اسٽيشنز کي گيس جي فراهمي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ملڪ ۾ گيس جو بحران انتهائي سنگين ٿي ويو آهي، سوئي ناردرن گيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اڄ شام کان پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه جي سي اين جي اسٽيشنز کي گيس فراهمي بند ڪئي ويندي.

ترجمان ٻڌايو ته سي اين جي سيڪٽر کي گيس جي معطلي وارو فيصلو وفاقي ڪابينا جي فيصلي بعد ٿيو ،

منظور ٿيل لوڊ مئنيجمينٽ پلان موجب گيس فراهمي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

سوئي ناردرن موجب فيصلي جو مقصد گهريلو صارفين کي گيس جي فراهمي يقيني بڻائڻ آهي.

واضح رهي ته ملڪ ۾ گيس جي بحران سبب سوئي سدرن گيس ڪمپني اڍائي مهينن لاءِ سنڌ جي سي اين جي اسٽينشن کي گيس جي فراهمي اڳ ئي بند ڪري چڪي آهي..

وڌيڪ پڙهو: