ن ليگ جي سينئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته اعليٰ عدالت، گلگت بلتستان جي چيف جج جي الزامن جي جاچ ڪري، وزير اعظم کي ڪڍندڙ عدالت جج کان ڇو پڇي نٿي سگهي.
اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته ثاقب نثار پنهنجو پاڻ کي آجو ڪرڻ گهري ٿو، جنهن معاملي ۾ نواز شريف ، مريم نواز جو ذڪر ناهي،انهن کي ڪهڙي قانون تحت سزا ڏني وئي.
هن چيو ته ملڪ ۾ سرڪس لڳل آهي، جنهن جي وڏن وڏن کيڏارين جا نالا سامهون اچڻ شروع ٿي ويا آهن.
اڳوڻي وزير اعظم چيو ته هڪ حلفي بيان سامهون آيو، جيڪو گلگت جي اڳوڻي چيف جج لکيو، معاملا ان حد تائين پهچي ويا آهن، جو هڪ ضمانت لاءِ به ملڪ جي اڳوڻي چيف جسٽس کي مداخلت ڪرڻي پئي، اڄ اعليٰ عدليا جو امتحان آهي..