اهم خبرون

October 2, 2021 6:32 pm

اي پي ايس سانحي ۾ ملوث قاتلن جو ڪيس ڌار آهي، اسان کي صحيح ۽ خراب جي خبر آهي: شيخ رشيد

 وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد  چيو آهي ته اسان کي صحيح ۽ خراب جي خبر آهي اي پي ايس سانحي ۾ ملوث قاتلن جو ڪيس ڌار آهي. ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي شيخ رشيد چيو ته عالمي منظر نامو تبديل ٿي رهيو آهي. مستقبل جي سياست گهڻي اونهي آهي. دنيا جي ڪابه سپر پاور اسان کي باءِ پاس نٿي ڪري سگهي. پاڪستان چاهي ٿو ته افغانستان ۾ جامع حڪومت هجي. افغان صورتحال تي پاڪستان ۽ آمريڪي پرڏيهي وزير رابطي ۾ آهن. اسان ڀارت سان به ڪشمير مسئلي تي ڳالهين جي لاءِ تيار آهيون.

آمريڪي صدر جوبائيڊن جي حوالي سان شيخ رشيد چيو ته ڪوبه اسان جي ملڪ اچي ته بسم الله، نه اچي ته اسلام عليڪم. افغان صورتحال تي آمريڪي صدر کي نشانو بنائڻ ناانصافي آهي. آمريڪي عوام افغانستان جي صورتحال کان بي خبر آهي. جوبائيڊن پاڻ پنهنجي ماڻهن کي جواب ڏئي. شيخ رشيد چيو ته هن هفتي نيب چيئرمين جي مقرري جو فيصلو ٿي ويندو. عمران خان کي مهانگائي جي فڪر آهي(ن) ليگ وارا کوهه جا ڏيڏر آهن، پ پ سمجهوته ايڪسپريس تي چڙهيل آهي. پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان سان ڳالهين جي حوالي سان شيخ رشيد چيو ته اعليءِ سطحي ڳالهيون هلي رهيون آهن. اسان کي صحيح ۽ خراب جي خبر آهي. اي پي ايس جي ٻارن کي قتل ڪندڙن جو ڪيس ڌار آهي.

وڌيڪ پڙهو: