سنڌ

November 2, 2021 12:57 pm

اين آءِ سي وي ڊي ڪراچي ۾ فالج جي مريضن جو مفت علاج شروع

ڪراچي ۾ اين آءِ سي وي ڊي فالج جي مريضن جو مفت علاج شروع ڪري ڇڏيو، اين آءِ سي وي ڊي ۾ پهريون ڀيرو فالج جي مريض عورت 48 ورهين جي صوفيه جي دماغ ۾ اسٽنٽ لڳائي ڄميل رت ڪڍيو ويو.

ڊاڪٽر عرفان لطفي جو چوڻ آهي ته مريض عورت صوفيه کي ڪمزوري ۽ چهري جي بي ترتيبي واري حالت ۾ اين آءِ سي وي ڊي جَي ايمرجنسي واري شعبي ۾ آندو ويو،

جنهن بعد سندس ضروري ٽيسٽون ڪيون ويون.

ڊاڪٽرن موجب پروسيجر دوران مريض عورت جي دماغ ۾ اسٽنٽ لڳائي ڄميل رت ڪڍيو ويو، جنهن کانپوءِ هوءَ طبي لحاظ کان بهتر آهي ۽ سموري طاقت سان متحرڪ به ٿي رهي آهي.

ڊاڪٽر عرفان لطفيموجب  اين آءِ سي وي ڊي ۾ فالج جي مفت علاج سان هزارين مريض هميشه جي معذوري کان بچي سگهندا..

وڌيڪ پڙهو: