پاڪستان

October 27, 2021 12:50 pm

ايندڙ 6 مهينن ۾ عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ گهٽتائي اچي ويندي : حماد اظهر

ناڻي جي صلاحڪار شوڪت ترين چيو آهي ته آءِ ايم ايف سان معاهدي جي ويجهو پهچي ويا آهيون،سعودي امداد جو آءِ ايم ايف سان ڪو به واسطو ناهي.

اسلام آباد ۾ حماد اظهر سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي  شوڪت ترين چيو ته سعودي عرب ناڻي جي ذخيرن جي بهتري لاءِ 4 ارب ڊالر کان وڌيڪ رقم ڏيندو.

هن چيو ته سعودي عرب اسٽيٽ بئنڪ ۾ 3 ارب ڊالر جمع ڪرائيندو.

حماد اظهر چيو ته اميد آهي ته ايندڙ 6 مهينن ۾ عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ گهٽتائي اچي ويندي.

هن چيو ته دنيا ۾ کاڌي پيتي وارين شين جي اگهن ۾ واڌ ٿي آهي،يورپ گئس جي قيمتن ۾ 10 سيڪڙو واڌ ڪئي آهي.

وفاقي وزير چيو ته 450 ارب رپين جي ٽيڪس جي رعايت ڏئي چڪا آهيون..

وڌيڪ پڙهو: