سنڌ

January 3, 2022 1:35 pm

ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ سنڌ ۾ مڪاني چونڊن کان ڀڄڻ چاهين ٿيون : سعيد غني

سڌ سماءَ واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته ايم ڪيو ايم ۽ پي ٽي آءِ سنڌ ۾ مڪاني چونڊن کان ڀڄڻ چاهيون ٿيون،

پي ٽي آءِ کي خبر آهي ته مڪاني چونڊون ٿيون ته ڪي پي کان به خراب حشر ٿيندو،

ايم ڪيو ايم به چونڊون ملتوي ڪرڻ لاءِ سياسي ڊرامي بازي ڪري رهي آهي، ملڪ ۾ مهانگائي سبب عوام تي جيڪو ظلم ٿي رهيو آهي،

ان ۾ حڪومت جون اتحادي ڌريون برابر جون شريڪ آهن، حليم عادل شيخ کي ڌمڪي ملي آهي ته جاچ ٿيڻ گهرجي،

علي زيدي جي پي ٽي آءِ صدر ٿيڻ سان پي ٽي آءِ جو سنڌ مان جنازو نڪري ويندو…

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سعيد غني چيو ته پي ٽي آءِ جو ارسطو وزير چوي ٿو ته سنڌ جو مڪاني نظام ملڪ لاءِ خطرو آهي،

پي ٽي آئي اها پارٽي آهي جنهن اچڻ سان ئي پنجاب ۾  مڪاني نظام کي ختم ڪيو.

سعيد غني چيو ته ، وفاقي وزير ڪوڙ ڳالهيو ته آدمشماري تي پ پ جا اعتراض نه ٿا ٺهن ڇاڪاڻ ته آدمشماري سنڌ حڪومت ڪرائي هئي،

ايم ڪيو ايم به چاهي ٿي ته سنڌ ۾ مڪاني چونڊون نه ٿين، ايم ڪيو ايم کي خبر آهي ته مڪاني چونڊون ٿيون ته سندن حشر پي ٽي آءِ جهڙو ٿيندو ..

وڌيڪ پڙهو: