ڪراچي: پورٽ قاسم تي ايل اين جي ٽرمينل تي جهازن جي آمد ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي وئي آهي.
ذريعن موجب ايل اين جي ٽرمينل مان روزانو 330 ملين ڪيوبڪ فوٽ گيس جي شديد کوٽ آهي ۽ 4 ڏينهن لاءِ ايل اين جي سپلاءِ گهٽ ڪئي وئي آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جهازن جي آمد جنوري تائين 50 سيڪڙو گهٽ رهڻ جو امڪان آهي، جنهن سبب هر مهيني 6 بدران 3 جهازن جي آمد سان گئس جي کوٽ وڌڻ جو خدشو آهي.
ذريعن موجب ايندڙ اڏام 25 نومبر تي گئس پورٽ ٽرمينل تي پهچندي.