ايف آءِ اي ڊجيٽل ڪرپٽو ڪرنسي ڪيس ۾ وقار ذڪا خلاف سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ لکت ۾ جواب جمع ڪرائي ڇڏيو،
عدالت انڪوائري ۾ طلب ڪرڻ لاءِ وقار ذڪا کي نوٽيس جاري ڪرڻ جي هدايت ڪندي حراسان نه ڪرڻ واري حڪم ۾ واڌ ڪري ڇڏي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڊجيٽل ڪرپٽو ڪرنسي ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي وئي، جنهن دوران ايف آءِ اَي پاران لکت ۾ جواب جمع ڪرايو ويو.
ايف آءِ اي لکت واري جواب ۾ ڄاڻايو آهي ته وقار ذڪا خلاف انڪوائري جاري آهي، هُو سوشل ميڊيا تي مسسل وڊيوز اپلوڊ ڪري ايف آءِ اي کي حراسان ڪري رهيو آهي، وزيراعظم ۽ اسٽيٽ بئنڪ خلاف به سوشل ميڊيا تي وڊيوز اپلوڊ ڪيون پيون وڃن.
عدالت ايف آءِ اي جَي حراسان ڪرڻ واري الزام تي حيرت جو اظهار ڪندي چيو ته وقار ذڪا ايف آءِ اَي کي به حراسان ڪري رهيو آهي؟
عدالت انڪوائري ۾ طلب ڪرڻ لاءِ وقار ذڪا کي نوٽيس جاري ڪرڻ جي هدايت ڪندي کيس حراسان نه ڪرڻ واري حڪم ۾ واڌ ڪري ڇڏي..