سنڌ

November 3, 2021 11:17 am

او پي ايس، ڊيپوٽيشن ۽ وقتي چارج تي مقرر آفيسرن کي هٽائي رپورٽ پيش نه ڪرڻ تي سيڪريٽري نجم شاهه جا ضمانت جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري

سنڌ هاءِ ڪورٽ، مڪاني ادارن واري کاتي ۾ او پي ايس، ڊيپوٽيشن ۽ وقتي چارج تي مقرر آفيسرن کي هٽائي رپورٽ پيش نه ڪرڻ تي سيڪريٽري نجم شاهه جا ضمانت جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾جسٽس عرفان سعادت خان ۽ جسٽس ارشد حسين تي ٻڌل بئنچ مڪاني ادارن واري کاتي ۾ او پي ايس، ڊيپوٽيشن ۽ وقتي چارج تي مقرر آفيسرن کي هٽائي رپورٽ پيش نه ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

عدالت مڪاني ادارن واري کاتي جي سيڪريٽري نجم شاهه جا ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪري ڇڏيا.

عدالت مڪاني ادارن واري کاتي ۾ او پي ايس، ڊيپوٽيشن ۽ وقتي چارج تي مقرر آفيسرن کي هٽائي 18 نومبر تي رپورٽ پيش ڪرڻ جو به حڪم ڏنو آهي..

وڌيڪ پڙهو: