سنڌ

October 27, 2021 12:58 pm

اورنگي ۽ گجر نالن جي متاثرن جي بحالي بابت وڏي وزير جو جواب غير تسلي بخش قرار

سپريم ڪورٽ اورنگي ۽ گجر نالن جي متاثرن جي بحالي بابت وڏي وزير جي جواب کي غير تسلي بخش قرار ڏيندي سنڌ حڪومت کي پنهنجي وسيلن مان متاثرن جي بحالي لاءِ رقم ڏيڻ جو حڪم ڏنو آهي،

عدالت لکت ۾ جاري ڪيل  فيصلي ۾ چيو آهي ته وڏي وزير متاثرن جي بحالي لاءِ بحريا ٽائون فنڊ مان رقم ڏيڻ جي استدعا ڪئي، بحريا ٽائون جو پيسو سنڌ جي عوام جو آهي، ان بابت فيصلو عملدرآمد بينچ ئي ڪندي، متاثرن جي بحالي لاءِ سنڌ حڪومت قدم کڻي.

سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ڪراچي جي اورنگي ۽ گجر نالي جي متاثرن بابت حڪم نامو لکت ۾ جاري ڪري ڇڏيو آهي.

عدالت جاري ڪيل حڪم نامي ۾ چيو آهي ته وڏي وزير جو متاثرن جي بحالي بابت جواب غير تسلي بخش هيو، رپورٽ تي وڏي وزير جي صحيح هئي تنهنڪري کيس طلب ڪيو ويو پر  هن ڪو به تسلي بخش جواب نه ڏنو.

عدالت چيو  ته وڏي وزير متاثرن جي بحالي لاءِ بحريا ٽائون فنڊ مان رقم ڏيڻ جي استدعا ڪئي،  بحريا ٽائون جو پيسو سنڌ جي عوام جو آهي، ان بابت فيصلو عملدرآمد بينچ ئي ڪندي، متاثرن جي بحالي لاءِ سنڌ حڪومت  قدم کڻي.

عدالت لکت ۾ جاري ڪيل فيصلي ۾ چيو آهي ته وڏي وزير متاثرن جي بحالي جي خاطري ڪرائي آهي ٻن سالن اندر متاثرن کي رهائش ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون وينديون ..

وڌيڪ پڙهو: