تازه خبرون

رانديون

November 9, 2021 4:24 pm

انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جو چيف ايگزيڪٽو لاهور پهچي ويو

 انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جو چيف ايگزيڪٽو ٽام هيري سن لاهور پهچي ويو آهي. انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ(اي سي بي) جو چيف ايگزيڪٽو ٽام هيري سن اڄ ٻنپهرن جو پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين رميز راجه سان ملاقات ڪندو جنهن ۾ انگلينڊ جي ايندڙ سال پاڪستان جي دوري بابت ڳالهيون ڪيون وينديون.

انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ جو سربراهه ٽام هيري سن پي سي بي چيئرمين کي ايندڙ سال جي مڪمل دوري بابت يقين ڏياريندو. جڏهن ته هو ان دوري کان پوءِ آءِ سي سي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ دبئي روانو ٿيندو. سيپٽمبر ۾ نيوزيلينڊ کان پوءِ انگلينڊ طرفان به پاڪستان جو دورو ملتوي ڪرڻ تي ٻنهي بورڊز جا لاڳاپا ڇڪتاڻ وارا ٿي ويا هئا جنهن سبب اي سي بي جي سربراهه پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سان لاڳاپا بهتر ڪرڻ لاءِ پاڪستان پهتو آهي.

واضح رهي ته سيپٽمبر ۾ پهرين ون ڊي شروع ٿيڻ کان ڪجهه دير اڳ نيوزيلينڊ جي ڪرڪيٽ ٽيم سيڪيورٽي خدشن کي جواز بنائيندي پاڪستان جو دورو اوچتو ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو جنهن کان پوءِ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سيريز ملتوي ڪئي وئي هئي. نيوزيلينڊ طرفان دورو ملتوي ڪرڻ کان پوءِ انگلينڊ جي ڪرڪيٽ بورڊ به پاڪستان جو طئي ڪيل دورو ملتوي ڪري ڇڏيو هو.

وڌيڪ پڙهو: