بين الاقوامي

پاڪستان

October 20, 2021 12:04 pm

امريڪي صدر جو بائيڊن پاران ڊونلڊ بلوم پاڪستان لاءِ سفير نامزد

امريڪا ڊگهي عرصي کانپوءِ  پاڪستان ۾ آخرڪار پنهنجو سفير نامزد ڪري ڇڏيو،صدر جو بائيڊن  ڊونلڊ بلوم کي اسلام آباد ۾ سفير  نامزد ڪيو آهي.

ڊونلڊ بلوم 2019 کان تيونس ۾ آمريڪا جي سفير طور فرض نڀائي رهيو آهي آهي،هن کي ڊگهي عرصي تائين خطي  ۾ سفارتڪاري ڪرڻ جو تجربو آهي.

نئون سفير ان کان اڳ  ڪابل جي سفارتخاني ۾ سياسي معاملن جو قونصلر رهي چڪو آهي،هو لبيا ۾ به اهم ذميواريون نڀائي چڪو آهي.

ڊونلڊ بلوم والاريل بيت المقدس ۾ به قونصل جنرل  طور پنهنجا فرض نڀائي چڪو آهي.ان کانسواءِ  هو بغداد ۾ ملٽي نيشنل فورس انگيجمنٽ سيل جو سياسي قونصلر رهيو آهي، ڊونلڊ بلوم مشي گِن يونيورسٽي مان تعليم حاصل ڪئي ۽ هو  رواني سان  عربي ڳالهائي  سگهي ٿو، هن جي پاڪستان ۾ مقرري  جي آمريڪي سينيٽ کي منظوري ڏيڻي آهي…

وڌيڪ پڙهو: