پاڪستان

December 8, 2021 11:30 am

اليڪشن ڪميشن پاران وزيراعظم عمران خان جي پشاور دوري جو سختيءَ سان نوٽيس

اليڪشن ڪميشن، مڪاني چونڊن جي شيڊول سبب وزير اعظم عمران خان کي پشاور جو دورو ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي.

اليڪشن ڪميشن پاران وزيراعظم عمران خان جي پشاور دوري جو سختيءَ سان نوٽيس ورتو ويو آهي، ان سلسلي ۾ ريجنل اليڪشن ڪمشنر پشاور وز يراعظم کي خط اماڻي ڇڏيو آهي.

ضلعي اليڪشن ڪمشنر موجب پهرين مرحلي ۾ 19 ڊسمبر تي پشاور ۾ مڪاني چونڊون ٿي رهيون آهن، اطلاع آهن ته وزيراعظم نيا پاڪستان ڪارڊ جو افتتاح ڪندو.

خط ۾ چيو ويو آهي ته مڪاني چونڊن جي شيڊول سبب وزيراعظم ڪنهن اسڪيم جو اعلان نٿو ڪري سگهي، پبلڪ آفيس هولڊر طور وزيراعظم تي ضابطا اخلاق جي پابندي لازمي آهي.

اليڪشن ڪميشن موجب مڪاني چونڊن جي شيڊول سبب وزيراعظم عمران خان ۽ گورنر ڪي به سرگرميون نٿا ڪري سگهن..

وڌيڪ پڙهو: